جي سيون پاران 44 ملڪن ۾ غذائي کوٽ جي تحفظ کي منهن ڏيڻ  لاءِ 2.5 بلين ڊالرز رکڻ  جو اعلان

پيرس-16 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي معيشت بابت وزير رولان ليسڪيور چيو آهي ته جي _7 ملڪن غذائي کوٽ جي تحفظ کي منهن ڏيندڙ ڪمزور ملڪن جي مدد لاءِ 2.5 بلين ڊالرز رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ۽ عالمي بينڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي بينڪاڪ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي رولان ليسڪيور چيو ته عالمي بينڪ 44 اهڙن ملڪن جي …

پيرس-16 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي معيشت بابت وزير رولان ليسڪيور چيو آهي ته جي _7 ملڪن غذائي کوٽ جي تحفظ کي منهن ڏيندڙ ڪمزور ملڪن جي مدد لاءِ 2.5 بلين ڊالرز رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ۽ عالمي بينڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي بينڪاڪ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي رولان ليسڪيور چيو ته عالمي بينڪ 44 اهڙن ملڪن جي نشاندهي ڪئي آهي جن کي عالمي سطح تي توانائي جي وڌندڙ قيمتن سبب غذائي تحفظ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته جي سيون پاران موجوده عالمي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ڪمزور ملڪن ، خاص طور تي غريب ملڪن جي مسئلن تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سمورن جي سيون ملڪن ( آمريڪا ، برطانيا ، فرانس ، جرمني، اٽلي، ڪيينڊا ۽ جاپان ) گڏجي ڪري غذائي تحفظ لاءِ 2.5 بلين ڊالرز فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي کاڌي جي فراهمي جو اهم معاملو شامل آهي.

مزید خبریں