بيروت-16 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو لبنان جي صدر جوزف عون سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تازي اڳڀرائي جي روشني ۾ لبنان ۽ علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صدر ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي ته ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڏکڻ پاسي ۾ قائم ڳوٺن ۽ علائقن تي لڳاتار اسرائيلي جارحيت جي روشني ۾ ڏکڻ جي صورتحال تي …
آمريڪي پرڏيهي وزير پاران لبنان جي صدر سان ٽيليفون تي رابطو، علائقائي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
بيروت-16 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو لبنان جي صدر جوزف عون سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تازي اڳڀرائي جي روشني ۾ لبنان ۽ علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صدر ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي ته ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڏکڻ پاسي ۾ قائم ڳوٺن ۽ علائقن تي لڳاتار اسرائيلي جارحيت جي روشني ۾ ڏکڻ جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بيان ۾ اشارو ڪيو ويو ته لبنان جي صدر جوزف عون مارڪو روبيو کان انهن جارحاڻين ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ ۽ فريم ورڪ معاهدي جي نقطن جي پابندي ڪرڻ ۽ هارين کي پنهنجي ٻنين تائين پهچڻ جي قابل بڻائڻ ۽ انهن کي نقصان نه پهچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.











