اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ واقع هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استاد سميت 20 کان وڌيڪ شاگردن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي حادثي ۾ معصوم ٻارن جي قيمتي حياتين جو نقصان هڪ قومي سانحو آهي. هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن …
خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران پشاور ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استاد سميت 20 کان وڌيڪ شاگردن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ واقع هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استاد سميت 20 کان وڌيڪ شاگردن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي حادثي ۾ معصوم ٻارن جي قيمتي حياتين جو نقصان هڪ قومي سانحو آهي. هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گورنر لاڳاپيل عملدارن کي هديت ڪئي ته حادثي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جڏهن ته هن اسڪول جي ڇت ڪرڻ واري واقعي جي تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي. گورنر وڌيڪ چيو ته اسان متاثر ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن افسوسناڪ واقعي ۾ شهيد ٿي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ متاثر ڪٽنبن جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا پڻ ڪئي.












