لاڙڪاڻو-15 آڪٽوبر(اي پي پي) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه جي دعوت تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ لطيف ڏهاڙي جي سلسلي ۾ شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون. تقريب ۾ ايم پي اي لاڙڪاڻو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو خصوصي طور شرڪت ڪئي.لطيف ڏهاڙي جي تقريبن جو مقصد سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت …
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ لطيف ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
لاڙڪاڻو-15 آڪٽوبر(اي پي پي) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه جي دعوت تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ لطيف ڏهاڙي جي سلسلي ۾ شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون. تقريب ۾ ايم پي اي لاڙڪاڻو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو خصوصي طور شرڪت ڪئي.لطيف ڏهاڙي جي تقريبن جو مقصد سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي فڪر، پيغام، شاعري ۽ سنڌي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ هو. ان موقعي تي هڪ شاندار ميگا ميوزيڪل نائيٽ جو پڻ اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي نامياري راڳي سيف سميجو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سندس سريلي آواز ۽ لطيف جي ڪلام محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته شاگرد ۽ شرڪت ڪندڙ وڏي جوش ۽ جذبي سان محفل مان لطف اندوز ٿيا. تقريب ۾ پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻو جا عهديدار، يونيورسٽي انتظاميه، پروفيسرز، ڊاڪٽرز ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.لطيف ڏهاڙي جي اهڙين تقريبن جو مقصد سنڌ جي ثقافتي ورثي، صوفي فڪر، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي پيغام کي نئين نسل تائين پهچائڻ آهي.












