سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي اي ڊي پاران حيدرآباد ۾ صفائيءَ جي آپريشن جي اثرائتي نگراني لاءِ مختلف علائقن جا دورا

حيدرآباد -15 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فواد غفار سومرو جي خاص هدايتن تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر حيدرآباد اڪبر شاهه معصومي جي نگرانيءَ هيٺ شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري صفائيءَ جي آپريشن جي نگراني ۽ ميداني دورن جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ قاسم آباد زون جي گدو چوڪ ۽ جيجل ماءُ پوائنٽ، لطيف آباد زون ۾ آٽو ڀان روڊ تي پبلڪ اسڪول …

حيدرآباد -15 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فواد غفار سومرو جي خاص هدايتن تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر حيدرآباد اڪبر شاهه معصومي جي نگرانيءَ هيٺ شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري صفائيءَ جي آپريشن جي نگراني ۽ ميداني دورن جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ قاسم آباد زون جي گدو چوڪ ۽ جيجل ماءُ پوائنٽ، لطيف آباد زون ۾ آٽو ڀان روڊ تي پبلڪ اسڪول پوائنٽ، جڏهن ته سٽي زون ۾ شاهي بازار ۽ ڪوهه نور چوڪ جا دورا ڪيا ويا.انهن دورن جو مقصد مختلف علائقن ۾ صفائيءَ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ ميداني سطح تي جاري سرگرمين جي نگرانيءَ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آهي.سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران حيدرآباد ۾ صفائيءَ جو نظام بهتر بڻائڻ، شهري علائقن ۾ صفائيءَ جي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪرڻ ۽ شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ميداني ڪاررواين تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.