ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايت تي ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف پوليس جون ڪارروايون جاري

لاڙڪاڻو- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي هدايتن تي ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف پوليس جون ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ جو عمل پڻ جاري آهي. پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏين خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروايون عمل …

لاڙڪاڻو- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي هدايتن تي ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف پوليس جون ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ جو عمل پڻ جاري آهي. پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏين خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروايون عمل ۾ آنديون وڃن ۽ داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ جي نظام کي مؤثر بڻايو وڃي ته جيئن شڪي سرگرمين جي روڪٿام، امن ۽ امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. چيڪنگ دوران پوليس آفيسر گاڏين جا ڪاغذ، رجسٽريشن نمبر پليٽون ۽ ٻيا ضروري ڪاغذات چيڪ ڪري رهيا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو واضح ڪيو آهي ته قانون جي بالادستي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. سمورن پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو پنهنجون ڊيوٽيون پوري ذميواري ۽ پيشيوراڻي طريقي سان سرانجام ڏين.