گڏيل قومون- 15 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا ڪجهه هفتن دوران آبنائي هرمزمان ڀاڻ جي فراهمي لاءِ ڪنهن معاهدي تائين نه ٿا پهچن ته ايشيا ۽ آفريقا جي اڪثر حصن ۾ غذائي تحفظ جي صورتحال سنگين بحران جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق تازي جنگ شروع ٿيڻ بعد گڏيل قومن آبنائي هرمز مان ڀاڻ جي چرپر کي آسان بڻائڻ لاءِ هڪ …
ايران ۽ آمريڪا ڪجهه هفتن اندر آبنائي هرمز مان ڀاڻ جي جلد فراهمي لاءِ معاهدي تائين نه ٿا پهچن ته ايشيا ۽ آفريقا ۾ غذائي تحفظ جي صورتحال سنگين ٿي سگهي ٿي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون- 15 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا ڪجهه هفتن دوران آبنائي هرمزمان ڀاڻ جي فراهمي لاءِ ڪنهن معاهدي تائين نه ٿا پهچن ته ايشيا ۽ آفريقا جي اڪثر حصن ۾ غذائي تحفظ جي صورتحال سنگين بحران جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق تازي جنگ شروع ٿيڻ بعد گڏيل قومن آبنائي هرمز مان ڀاڻ جي چرپر کي آسان بڻائڻ لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ جوڙيو هو، جيتوڻيڪ ان مقصد لاءِ تيار ڪيل طريقيڪار هن وقت تائين لاڳو ناهي ٿي سگهيو پر گڏيل قومن جي نائب سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ اتفاق راءِ ٿيڻ بعد اهو نظام 7 کان 10 ڏينهن ۾ فعال ڪري سگهجي ٿو. هن بينڪاڪ ۾ عالمي مالياتي فنڊ ۽ ورلڊ بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ معاهدي تائين پهچڻ انتهائي ضروري آهي نه ته اسان زرعي فصلن جي پوک جي موسم کان محروم ٿي وينداسين.











