انڊونيشيا ۾ ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جي ڪيسن ۾ پام آئل جي 9 ڪمپنين کي ذميوار قرار ڏنو ويو

جڪارته- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) انڊونيشيا جي پوليس سماٽرا ۽ ڪليمانتن ۾ ٻيلن ۽ بي ايراضي تي باهه لڳڻ جي واقعن جي سلسلي ۾ پام آئل جي 9 ڪمپنين کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، انهن واقعن ۾ 25 هزار 600 ايڪڙن جي ايراضي سڙي متاثر ٿي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قومي پوليس جي ماحولياتي ڏوهن واري يونٽ جي سينيئر اهلڪار ٻڌايو آهي ته ڪمپنين خلاف ڪيس 98 پوليس رپورٽس جي …

جڪارته- 15 آڪٽوبر(اي پي پي) انڊونيشيا جي پوليس سماٽرا ۽ ڪليمانتن ۾ ٻيلن ۽ بي ايراضي تي باهه لڳڻ جي واقعن جي سلسلي ۾ پام آئل جي 9 ڪمپنين کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، انهن واقعن ۾ 25 هزار 600 ايڪڙن جي ايراضي سڙي متاثر ٿي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قومي پوليس جي ماحولياتي ڏوهن واري يونٽ جي سينيئر اهلڪار ٻڌايو آهي ته ڪمپنين خلاف ڪيس 98 پوليس رپورٽس جي بنياد تي قائم ڪيا ويا آهن، پر انهن ڪمپنين جا نالا ظاهر ناهن ڪيا ويا. پوليس ٻئي پاسي 273 رپورٽس تحت اٽڪل 5 هزار 158 ايڪڙن جي ايراضي تي باهه لڳڻ جي واقعن ۾ 223 ماڻهن کي به نامزد ڪيو آهي. سڀني کان وڌيڪ جوابدار ريائو صوبي، 48 ڏکڻ سماٽرا ۽ 39 مرڪزي ڪليمانتن ۾ نامزد ڪيا ويا. رپورٽ مطابق انڊونيشيا ۾ خشڪ موسم دوران باهه لڳڻ جا واقعا معمول بڻيل آهن، پر هلندڙ سال معمول کان وڌيڪ باهه لڳڻ جي واقعن سبب ڏکڻ اوڀر ايشيا جي اڪثر علائقن ۾ شديد دونهين سبب سموگ پکڙجي ويو آهي.

مزید خبریں