ايلون مسڪ پاران يوڪرين جي صدر کان جنگ جي خاتمي ۽ استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو

نيويارڪ- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي ڪاروباري شخصيت ايلون مسڪ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جنگ سبب فوتگين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي سندس عهدو ڇڏڻ جو وقت اچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ صارف جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي چئي. ڄاڻايل پوسٽ ۾ پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل …

نيويارڪ- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي ڪاروباري شخصيت ايلون مسڪ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جنگ سبب فوتگين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي سندس عهدو ڇڏڻ جو وقت اچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ صارف جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي چئي. ڄاڻايل پوسٽ ۾ پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل يوڪرين جي صدر جي انٽرويو جو حوالو ڏيندي چيو ويو هو ته ولاديمير زيلنسڪي کي جنگ ختم ڪرڻ ۽ صدارتي چونڊن کي منهن ڏيڻ جو خدشو آهي. ايلون مسڪ پنهنجي تبصري ۾ لکيو ته رتوڇاڻ جاري آهي، ولاديمير زيلسنڪي جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي. رپورٽ مطابق ولاديمير زيلنسڪي جو صدارتي مدو 20 مئي 2024ع تي باضابطه طور ختم ٿي ويو هو، پر يوڪرين ملڪ ۾ لاڳو مارشل لا کي جواز بڻائيندي هن وقت تائين چونڊون ناهن ڪرايون. 10 آڪٽوبر تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به يوڪرين جي صدر تي زور ڀريو هو ته هو چونڊون ڪرائي. ٽرمپ جو چوڻ هو ته يوڪرين جو صدر ڪيترن ئي موقعن تي جنگ ختم ڪري امن معاهدو ڪري سگهي پيو.

مزید خبریں