عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جي کوٽ سال 2027ع تائين برقرار رهڻ جو خدشو آهي: عالمي توانائي ايجنسي

پيرس- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ توانائي ٺڪاڻن تي حملن ۽ فراهمي ۾ مسلسل رڪاوٽن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جي کوٽ ۽ قيمتن جو دٻاءُ سال 2027ع تائين برقرار رهي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايجنسي پنهنجي آڪٽوبر جي آئل مارڪيٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ عالمي سطح تي ڊيزل جو روانگي واپار گذريل …

پيرس- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ توانائي ٺڪاڻن تي حملن ۽ فراهمي ۾ مسلسل رڪاوٽن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جي کوٽ ۽ قيمتن جو دٻاءُ سال 2027ع تائين برقرار رهي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايجنسي پنهنجي آڪٽوبر جي آئل مارڪيٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ عالمي سطح تي ڊيزل جو روانگي واپار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ روزانو 7 لک بيرل گهٽجي ويو، جنهن سبب ذخيرن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. رپورٽ مطابق سيپٽمبر ۾ ڊيزل جون قيمتون 200 ڊالرز في بيرل کان وڌڻ بعد ڪجهه گهٽجي ويون آهن، پر بينچ مارڪ قيمتون ڪچي تيل جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻي سطح تي برقرار آهن. بلند قيمتن سبب عام واهپي جي شين تي خرچ، مهانگائي، معاشي سرگرمين ۽ عوام جي خريد ڪرڻ واري قوت متاثر ٿي رهي آهي. عالمي توانائي ايجنسي چيو ته وچ اوڀر مان ڊيزل جي فراهمي بحال نه ٿي ته مارڪيٽ ۾ توازن قائم رکڻ لاءِ طلب ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪرڻي پئجي سگهي ٿي، جنهن جي معاشي قيمت تمام وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. رپورٽ مطابق عالمي تيل جي طلب سال 2026ع ۾ سراسري طور روزانو 26 لک بيرل گهٽجڻ جي اڳڪٿي آهي جڏهن ته سال 2027ع ۾ ان ۾ روزانو 20 لک بيرل اضافي جو امڪان آهي.ٻئي پاسي عالمي تيل جي فراهمي 2026ع ۾ روزانو 58 لک بيرل گهٽجي 10 ڪروڙ 70 هزار بيرل رهڻ ۽ سال 2027ع ۾ روزانو 77 لک بيرل وڌڻ جي توقع آهي.  ايجنسي خبردار ڪيو ته نار خطي ۾ توانائي ٺڪاڻن ۽ تيل بردار جهازن تي وڌندڙ حملا فراهمي جي بحالي کي متاثر ڪري سگهن ٿا. وچ اوڀر جا تڪرار حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايندڙ مهينن ۾ عالمي تيل مارڪيٽ ۾ واڌ ۽ لاٿ جو خدشو آهي.

مزید خبریں