ايبولا وائرس خلاف ڪوششن کي نقصان پهچائيندڙ غلط معلومات جي روڪ ٿام لاءِ مربوط قدمن جي ضرورت آهي: ڊبليو ايڇ او

نيروبي-15 آڪٽوبر(اي پي پي) صحت بابت عالمي اداري  (ڊبليو ايڇ او) ۽ آفريقا سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن، آفريقا ۾ ايبولا وائرس جي پکيڙ  جي روڪٿام لاءِ غلط معلومات کي روڪڻ ۽ علائقائي سهڪار مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي  خابرو اداري موجب ٻنهي ادارن جي عهديدارن ڪينيا جي گادي واري هنڌ نيروبي ۾ ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته وقت تي درست ۽ تصديق ٿيل معلومات جي فراهمي، …

نيروبي-15 آڪٽوبر(اي پي پي) صحت بابت عالمي اداري  (ڊبليو ايڇ او) ۽ آفريقا سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن، آفريقا ۾ ايبولا وائرس جي پکيڙ  جي روڪٿام لاءِ غلط معلومات کي روڪڻ ۽ علائقائي سهڪار مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي  خابرو اداري موجب ٻنهي ادارن جي عهديدارن ڪينيا جي گادي واري هنڌ نيروبي ۾ ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته وقت تي درست ۽ تصديق ٿيل معلومات جي فراهمي، وائرس جي روڪٿام ۽ عوامي سطح تي حفاظتي قدمن کي موثر بڻائڻ  انتهائي اهم آهي. ورڪشاپ ۾ صحت جي عالمي اداري  جي ڪينيا ۾ نمائندي، 6 آڪٽوبر تي ملڪ ۾ ايبولا جي پهرين تصديق ٿيل ڪيس جو اطلاع  ڊبليو ايڇ او کي فوري طور تي ڏيڻ جي حوالي سان ڪينيا جي اختيارين جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. واضع رهي ته ڪينيا جي صحت واري وزارت موجب ملڪ ۾ ايبولا جي ٻئي ڪيس جي تصديق ٿي آهي، متاثر شخص گذريل هفتي لاڏاڻو ڪري ويل مريض جو  مائٽ آهي ۽ هن  کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي.

مزید خبریں