اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ اضافي، مالياتي نظم و ضبط ۽ معاشي سڌارن جي تسلسل سان پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ وڌيڪ بهتر راهه هموار ٿي سگهي ٿي. هن اها ڳالهه اڱاري تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ …
روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ اضافو پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ اضافي، مالياتي نظم و ضبط ۽ معاشي سڌارن جي تسلسل سان پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ وڌيڪ بهتر راهه هموار ٿي سگهي ٿي. هن اها ڳالهه اڱاري تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ چئي، هن چيو ته سيپٽمبر 2026ع دوران پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ ساليانو بنيادن تي 12.7 سيڪڙو اضافي سان 3.6 ارب ڊالر رهي، پهرين ٽه ماهي (جولاءِ کان سيپٽمبر) ۾ پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 10.9 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پاڪستان کي 9.5 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان موڪليل ناڻو مليو هو. هلندڙ مالي سال جي شروعات تي پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۽ شين جي روانگي واپار، ٻنهي ۾ ڊبل ڊجٽ جي شرح سان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پهرين ٽه ماهي دوران شين جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 11 سيڪڙو جڏهن ته پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ اضافي جو رجحان مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران رقم موڪلڻ ۾ بهتري جي عڪاسي آهي. سيپٽمبر دوران سعودي عرب مان 899 ملين ڊالر مليا جيڪي گذريل سال جي انهي مهيني جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گڏيل عرب امارات مان 749 ملين ڊالر جو پرڏيهه مان موڪليل ناڻو مليو هو، جن مان ساليانو بنيادن تي 11 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. برطانيه مان 515 ملين ڊالر حاصل ٿيا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيڪ آهن. جڏهن ته يورپي يونين جي ملڪن مان 448 ملين ڊالرن جو موڪليل ناڻو حاصل ٿيو جن ۾ 6 سيڪڙو اضافو ٿيو. نار تعاون ڪائونسل جي ٻين ملڪن مان 342 ملين ڊالر مليا، جيڪي گذريل سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهن. هن چيو ته پائيدار معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي ته پرڏيهي آمدني ۾ اضافي سان اهڙا قدم به جاري رکيا وڃن جيڪي ادائگين جي توازن ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيڻ کان روڪين.










