راولپنڊي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج اڱاري تي هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح-2 ايڪسٽينڊڊ رينج (اي آر) جو ڪامياب آزمائشي تجربو ڪيو آهي، اهو جديد ويپن سسٽم جديد ترين نيويگيشن ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ ايويونڪس سان تيار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اهو ميزائيل پنهنجي مخصوص ٽريجيڪٽري پاٿ ۽ اڏام دورام پينترا بدلائن جي منفرد صلاحيت سبب دشمن جي ميزائيل ڊفينس سسٽمز کي ڌوڪو …
پاڪ فوج پاران هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح-2 ايڪسٽينڊڊ رينج جو ڪامياب تجربو

مزید خبریں
راولپنڊي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج اڱاري تي هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح-2 ايڪسٽينڊڊ رينج (اي آر) جو ڪامياب آزمائشي تجربو ڪيو آهي، اهو جديد ويپن سسٽم جديد ترين نيويگيشن ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ ايويونڪس سان تيار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اهو ميزائيل پنهنجي مخصوص ٽريجيڪٽري پاٿ ۽ اڏام دورام پينترا بدلائن جي منفرد صلاحيت سبب دشمن جي ميزائيل ڊفينس سسٽمز کي ڌوڪو ڏيڻ ۽ هدف کي تمام صحيح نموني نشانو بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. فتح -2 اي آر پنهنجي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت سبب پاڪ فوج جي پري تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ سگهه ڏئي ٿو ۽ دشمن جي اندروني علائقن ۾ موجود هدفن کي نشانو بڻائن جي صلاحيت کي نئين طاقت ڏيندو. ان آزمائشي تجربي جو مشاهدو ڪمانڊر آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ، پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن ۽ ماهر سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڪيو. ڪمانڊر اي آر ايف سي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي لگن، عزم ۽ فني، ٽيڪنيڪي مهارتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. صدر مملڪت، وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ سروسز چيفس فتح 2 ويپن سسٽم جي توسيعي رينج ورزن جي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون پيش ڪيون آهن.










