خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ، معيشت جي بهتري ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گورنر جي مدد لاءِ غيرجانبدار ٽيڪنوڪريٽ ايڊوائيزري ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 13 سالن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت نه ئي عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ نه ئي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي لاءِ خاطرخواهه قدم کنيا، رڳو انتشار جو رستو اختيار ڪيو ويو آهي، پارلياماني وفد وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته اتحادي پارٽيون موجوده صورتحال ۾ …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 13 سالن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت نه ئي عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ نه ئي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي لاءِ خاطرخواهه قدم کنيا، رڳو انتشار جو رستو اختيار ڪيو ويو آهي، پارلياماني وفد وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته اتحادي پارٽيون موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ق)، بلوچستان عوامي پارٽي، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ مسلم ليگ (ضياءَ) جي پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جو صدر ۽ وفاقي وزير خالد مگسي، سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين ۽ ايم پي اي صادق سنجراڻي، سينيٽرز منظور ڪاڪڙ، عبدالقادر بلوچ، دنيش ڪمار ۽ ثمينه ممتاز زهري، اڳوڻو سينيٽر فدا محمد خان، پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو صدر ۽ وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، قومي اسيمبلي ميمبر محمد الياس چوڌري ۽ فرح خان، استحڪام پاڪستان پارٽي جو مملڪتي وزير عون ثقلين عباس، قومي اسيمبلي ميمبر گل اصغر خان ۽ منزه حسن، پي ايم ايل (ضياءَ) جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر اعجازالحق شامل هئا. وزيراعظم وفد کي خيبرپختونخواهه صوبي جي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ، معيشت جي بهتري ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ گورنر جي مدد جي لاءِ غيرجانبدار ٽيڪنوڪريٽ ايڊوائيزري ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي طرزعمل ۽ دهشتگردي جي خلاف واضح موقف کان پاسو ڪرڻ سان پاڪستان جي ترقي ڪندڙ معيشت کي خطرو هو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا گڏيل مشاورت سان آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت آئيني قدمن جو فيصلو ڪيو، خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت دهشتگردي جي واضح لفظن ۾ مذمت نه ڪئي ۽ نه ئي دهشتگردن جي خلاف ڪا ڀرپور ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ پاڪ فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي ڪيترن ئي اهلڪارن شهادت ماڻي ۽ ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، گذريل 13 سالن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت نه ئي عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ نه ئي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي لاءِ خاطرخواهه قدم کنيا، رڳو انتشار جو رستو اختيار ڪيو ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اين ايف سي تحت 800 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊز فراهم ڪيا، خيبرپختونخواهه حڪومت دهشتگردي جي خلاف جنگ جي لاءِ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ سيف سٽيز قائم ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهي. پارلياماني وفد وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته اتحادي پارٽيون موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. اتحادي پارٽين جي پارلياماني وفد مشڪل حالتن ۾ ملڪ جي قيادت ۽ رهنمائي ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام گذريل 13 سالن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ ترقي کان محروم رهي، وفاقي حڪومت جي تعاون سان خيبرپختونخواهه ۾ به ملڪ جي ٻين حصن وانگر ترقي ۽ خوشحالي جو سفر اڳتي وڌندو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.

مزید خبریں