نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گهرو معاملن ۽ اميگريشن بابت يورپي ڪمشنر ميگنس برونر جي ملاقات

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غيرقانوني لڏپلاڻ جي روڪٿام، ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي اسمگلنگ ۽ انساني اسمگلنگ جي خلاف پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته انهن ڪوششن سان گڏ پاڪستاني هنرمند ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ قانوني لڏپلاڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غيرقانوني لڏپلاڻ جي روڪٿام، ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي اسمگلنگ ۽ انساني اسمگلنگ جي خلاف پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته انهن ڪوششن سان گڏ پاڪستاني هنرمند ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ قانوني لڏپلاڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊارن سان گهرو معاملن ۽ اميگريشن بابت يورپي ڪمشنر ميگنس برونر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ تازي رابطي جو حوالو ڏيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڌرين لڏپلاڻ ۽ چرپر جي شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جيڪي پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان (2019ع) جو هڪ اهم ٿنڀ آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير غيرقانوني لڏپلاڻ جي روڪٿام، ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي اسمگلنگ ۽ انساني اسمگلنگ جي خلاف پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن زور ڏنو ته انهن ڪوششن سان گڏ پاڪستاني هنرمند ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ قانوني چرپر جا وڌيڪ موقعا پڻ فراهم ڪرڻ گهرجن. يورپي ڪمشنر ميگنس برونر غيرقانوني لڏپلاڻ جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان جي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ قانوني لڏپلاڻ جي رستن کي سگهه ڏيڻ جي گنجائش کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير يورپي يونين سان حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته يورپي ڪمشنر جو دورو ڌرين جي لاءِ ڪارائتي عملي نتيجن جو سبب بڻجندو.

مزید خبریں