اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ ميجر حسنين شهزاد ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته وطن جي دفاع ۽ خدمتن ۾ جانيون قربان ڪندڙ اسان جا بهادر پُٽ قوم جو فخر آهن. شهيدن جون قربانيون هميشه …
وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پاران ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ ميجر حسنين شهزاد ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته وطن جي دفاع ۽ خدمتن ۾ جانيون قربان ڪندڙ اسان جا بهادر پُٽ قوم جو فخر آهن. شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون ويندون، انهن جي حب الوطني قومي تاريخ جو روشن باب آهي. الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. هن، الله تعاليٰ کان شهيدن جي گهرڀاتين لاءِ صبر ۽ اهو عظيم صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا فرمائڻ جي به دعا ڪئي.











