چين ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس سنڌ جي معيشت، روزگار ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته چين ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس سنڌ جي معيشت، روزگار ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي. شنگھائي ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان صوبي ۾ سيڙپڪاري، صنعتي ترقي ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شنگھائي ڪانفرنس …

ڪراچي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته چين ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس سنڌ جي معيشت، روزگار ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي. شنگھائي ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان صوبي ۾ سيڙپڪاري، صنعتي ترقي ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شنگھائي ڪانفرنس ۾ سنڌ اندر سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۽ چيني سيڙپڪارن سان ڪاروباري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ قدرتي وسيلن، توانائي، زراعت، معدنيات، ٽرانسپورٽ، بنيادي ڍانچي ۽ صنعتي ترقيءَ جا وسيع امڪان موجود آهن. چين جي سيڙپڪارن کي انهن شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا ملڻ سان صوبي جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سيڙپڪاري ڪانفرنس سان نيون صنعتون قائم ڪرڻ، موجوده صنعتي يونٽن کي وڌائڻ، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ مقامي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. شنگھائي سيڙپڪاري ڪانفرنس جو مقصد سنڌ جي معاشي صلاحيت کي عالمي سيڙپڪارن آڏو پيش ڪرڻ ۽ گڏيل سهڪار جا نوان رستا ڳولڻ آهي. چيني سيڙپڪاريءَ سان سنڌ ۾ جديد ٽيڪنالاجي، صنعتي مهارت، جديد پيداواري طريقن ۽ عالمي ڪاروباري تجربن جي منتقليءَ جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ٿر جي قدرتي وسيلن، صنعتي زونز ۽ واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ چيني سيڙپڪارن سان ڀائيواري اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. شنگھائي سيڙپڪاري ڪانفرنس ذريعي چيني سيڙپڪارن سان اثرائتا لاڳاپا قائم ٿيندا ۽ عملي سيڙپڪاريءَ لاءِ راهه هموار ٿيندي.

مزید خبریں