واشنگٽن -13 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي تي زور ڀريو آهي ته هو يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ معاهدي تائين پهچڻ تي ڌيان ڏئي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو بيان اوهائيو روانگي کان اڳ وائيٽ هائوس جي ڏکڻ لان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڏنو. روس ۽ آمريڪا وچ ۾ ڊيزل جي ٻارڻ بابت معاهدي تي پنهنجي جماعت جي ڪجهه ريپبلڪن …
يوڪرين جي صدر کي تڪرار جي حل لاءِ معاهدي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: آمريڪي صدر

مزید خبریں
واشنگٽن -13 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي تي زور ڀريو آهي ته هو يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ معاهدي تائين پهچڻ تي ڌيان ڏئي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو بيان اوهائيو روانگي کان اڳ وائيٽ هائوس جي ڏکڻ لان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڏنو. روس ۽ آمريڪا وچ ۾ ڊيزل جي ٻارڻ بابت معاهدي تي پنهنجي جماعت جي ڪجهه ريپبلڪن ميمبرن جي تنقيد جو جواب ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهو معاهدو باقي دنيا جي مفاد ۾ آهي ۽ عالمي توانائي جي مارڪيٽ تي ان جا نمايان اثر پوندا. هن چيو ته سندس خيال ۾ يوڪرين جي صدر کي ان معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ بدران تڪرار جي حل لاءِ معاهدي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.











