حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي سڄي حيدرآباد ڊويزن ۾ فوري طور 15 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پنجن يا پنجن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ، اجازت کانسواءِ جلوس ڪڍڻ ۽ عوامي جلسا ڪرڻ، روڊ بند ڪرڻ، هٿيار کڻڻ، اشتعال انگيز تقريرون ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز …
حيدرآباد ڊويزن ۾ 15 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، اجتماعن ۽ جلوسن تي پابندي
حيدرآباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي سڄي حيدرآباد ڊويزن ۾ فوري طور 15 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پنجن يا پنجن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ، اجازت کانسواءِ جلوس ڪڍڻ ۽ عوامي جلسا ڪرڻ، روڊ بند ڪرڻ، هٿيار کڻڻ، اشتعال انگيز تقريرون ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز مواد جي تشهير ڪرڻ تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.











