گڏيل قومون -12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ فوري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ اثرائتي جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته مسلسل فوجي ڪارروائيون امن جي امڪانن کي محدود ۽ عالمي جنسن جي تحفظ کي غير مستحڪم ڪري رهيون آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي …
روس ۽ يوڪرين وچ ۾ اثرائتي جنگبندي ڪئي وڃي، پاڪستاني نمائندي پاران سلامي ڪائونسل جي اجلاس ۾ مطالبو

مزید خبریں
گڏيل قومون -12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ فوري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ اثرائتي جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته مسلسل فوجي ڪارروائيون امن جي امڪانن کي محدود ۽ عالمي جنسن جي تحفظ کي غير مستحڪم ڪري رهيون آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ويڙهه ۾ تازي شدت خطي ۽ ان جي وسيع تر پاڙيسري علائقي لاءِ هاڪاري اشاره نه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته جنگ ۾ شدت عالمي سطح تي پهرين موجود غذائي ۽ توانائي جي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي، جنهن جا اثر جنگ متاثر علائقي کان ڪيترائي ڀيرا اڳيان، خاص ڪري اسرندڙ ملڪن ۾ محسوس ڪيا پيا وڃن. پاڪستاني نمائندي زور ڀريو ته فوجي طاقت امن قائم نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته جنگ جاري رکڻ سان اختلاف وڌيڪ گهرا، انساني مصيبتون ڊگهيون ۽ پائيدار امن لاءِ ضروري سياسي گنجائش محدود ٿي ويندي آهي، هن اسود سمنڊ ۾ واپاري جهازن تي تازن حملن تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو ته جنگ جو دائرو واپاري رستن تائين پکيڙڻ سان وسيع تر خطي ۽ علائقائي استحڪام کي سنگين خطرا درپيش ٿي سگهن ٿا. هن روس ۽ يوڪرين ٻنهي تي زور ڀريو ته هو فوري طور تي صبر جو مظاهرو ڪن ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي مڪل پاسداري ڪن. هن آمريڪا جي سهولتڪاري سان روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امڪاني ٽه ڌري اجلاس جي اطلاعن جي آجيان ڪندي چيو ته موثر جنگ بندي ٻنهي ملڪن کي اختلاف ختم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ان تڪرار جي خاتمي لاءِ آمريڪا ۽ ان جي قيادت جي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان هڪ جامع، پائيدار ۽ پرامن نبيري جي حمايت ڪري ٿو، جيڪو گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جي پاسدداري سان تڪرار ۾ شامل سمورين ڌرين جي جائز سلامتي وارن خدشن کي به نظر ۾ رکي. اجلاس جي شروعات ۾ گڏيل قومن جي معاون سيڪريٽري جنرل خالد خياري خبردار ڪيو ته روس جا حملا هڪ نئين ۽ خوفناڪ سطح تائين پهچي چڪا آهن. انساني حقن واري آفيس مطابق صرف هلندڙ هفتي دوران 100 کان وڌيڪ شهري مارجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 429 زخمي ٿي پيا آهن.










