سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ايران ۽ برطانوي هم منصبن جو ٽيليفونڪ رابطو، علائقائي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون

رياض- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان سندس ايران جي هم منصب عباس عراقچي ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن دوران تازي علائقائي ڇڪتاڻ ۾ اضافي ۽ ان کي گهٽائڻ جي حوالي سان ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهزاده فيصل بن فرحان سان برطانوي هم منصب ايڊملي بينڊ به رابطو ڪيو جنهن ۾ تازي علائقائي صورتحال، …

رياض- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان سندس ايران جي هم منصب عباس عراقچي ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن دوران تازي علائقائي ڇڪتاڻ ۾ اضافي ۽ ان کي گهٽائڻ جي حوالي سان ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهزاده فيصل بن فرحان سان برطانوي هم منصب ايڊملي بينڊ به رابطو ڪيو جنهن ۾ تازي علائقائي صورتحال، ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ، ان جي سيڪيورٽي ۽ اقتصادي اثرن کي گهٽائڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪوششن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪيل حملن جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. برطانوي پرڏيهي وزير سعودي عرب ۽ يمن ۾ شهري ٺڪاڻن تي حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪئي. هن انهن حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ سعودي عرب ۽ يمن ٻنهي حڪومتن سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.

مزید خبریں