خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ بدران لانگ مارچ ۽ سياسي سرگرمين ۾ مصروف آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپنڊي- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادتن جي باوجود صوبائي حڪومت جون ترجيحون عوام جي تحفظ بدران سياسي سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس اهلڪارن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو. راولپنڊي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي …

راولپنڊي- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادتن جي باوجود صوبائي حڪومت جون ترجيحون عوام جي تحفظ بدران سياسي سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس اهلڪارن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو. راولپنڊي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته خيبرپختونخواهه جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، جتي دهشتگردي جي واقعن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته وڏو وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ بدران لانگ مارچ ۽ سياسي سرگرمين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته 5 تاريخ تي چار ڪسٽمز اهلڪار ۽ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو جڏهن ته ايس ايڇ او دائود پڻ ڊيوٽي دوران شهادت ماڻي. انهن واقعن کانپوءِ صوبائي حڪومت پاران جنهن سنجيدگي ۽ احساس ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها اهو ڏسڻ ۾ نه آيو. شهيدن جا ٻار سوال ڪري رهيا آهن ته انهن جي والد پاڪستان جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏني پر صوبي جي وڏي وزير انهن جي گهرڀاتين جو ڏک ونڊڻ جي لاءِ ڇو نه پهتو. شهيدن جي قربانين جي گهرج آهي ته انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙن کي قومي سطح تي خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته خيبرپختونخواهه اڳ ۾ ئي دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي اهڙين حالتن ۾ صوبائي حڪومت جي بنيادي ذميواري عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي. هن سوال ڪيو ته گذريل 15 سالن دوران صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ ڪهڙي موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي جامع پاليسي تحت ڪهڙا عملي قدمک نيا ويا؟ هن چيو ته گذريل رات به هيڊ محرر سميت چئن ماڻهن کي کنڀي کڻي وڃڻ جا اطلاع سامهون آيا جڏهن ته پوليس اهلڪارن کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي. هن سوال اٿاريو ته فتنه الخوارج جي دهشتگرد ڪاررواين جي خلاف صوبائي حڪومت پاران واضح موقف ڇو سامهون نه ٿو اچي؟ دهشتگردن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ ۽ انهن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه جو انتظار ڪيو پيو وڃي؟ هن چيو ته افغانستان مان ايندڙ دهشتگردن جي هٿان پاڪستاني شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جون شهادتون هڪ سنگين قومي مسئلو آهي. ان جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف موثر حڪمت عملي، سرحدي سلامتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطو لازمي آهي. پوليس اهلڪارن کي جديد هٿيار، حفاظتي ساز و سامان ۽ ضروري وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي دهشتگردن جو موثر مقابلو ڪري سگهن. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته قومي ايڪشن پلان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ هڪ اهم قومي حڪمت عملي آهي جنهن تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ گهرجي. هن صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي پاليسي ۽ اعلى سطحي اجلاسن جي افاديت تي پڻ سوال اٿاريندي چيو ته رڳو اجلاسن ۾ شرڪت ڪافي نه آهي پر انهن ۾ ڪيل فيصلن جا عملي نتيجا عوام کي نظر اچڻ گهرجن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي سمورين سياسي پارٽين کي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو. عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي لاءِ به اهو سوال اهم آهي ته ڇا اهي انهن علائقن ۾ بنا خوف سياسي سرگرميون ۽ جلسا جلوس منعقد ڪري سگهن ٿيون جتي دهشتگردي جو خطرو موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪنهن هڪ پارٽي يا اداري جي نه آهي پر پوري قوم جي گڏيل ذميواري آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته هڪ طرف پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ سرگرميون جاري آهن، سريلنڪن ٽيم پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ مختلف ملڪن جي وفدن جي آمد متوقع آهي جڏهن ته ٻئي طرف پي ٽي آءِ جو ڌرڻو ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌائڻ، امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۽ پاڪستان جي مثبت عالمي تشخص کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جدوجهد دوران امن قائم ڪرڻ جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ان جي لاءِ ملڪي استحڪام، معاشي سرگرمين ۽ عالمي رابطن کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ ضروري آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام ڪرپشن، بدامني ۽ دهشتگردي جي ڪري پي ٽي آءِ حڪومت کان مايوس ٿي چڪي آهي، هاڻي ٻين سياسي پارٽين کي اڳتي وڌي صوبي کي ان صورتحال مان ڪڍڻ ۽ عوام کي موجوده حڪومت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.