گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي گهرو وزارت آمد، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان اهم ملاقات

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش گهرو وزارت جو دورو ڪيو، جتي هن وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان ملاقات ڪئي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي امن مشنز بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش گهرو وزارت جو دورو ڪيو، جتي هن وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان ملاقات ڪئي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي امن مشنز بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. ملاقات دوران وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ وڙهي رهيو آهي، هن عالمي برادري کي خبردار ڪندي چيو ته هن وقت افغانستان ۾ 25 دهشتگرد تنظيمون سرگرم آهن جيڪي دنيا جي امن لاءِ سنگين خطرو آهن ۽ ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ دنيا کي گڏيل قدم کڻڻا پوندا. گهرو وزير واضح ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکندو، جتي پاڪستان پوليس جا آفيسر  ۽ اهلڪار به خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته پاڪستان امن جي بحالي لاءِ هن وقت تائين 181 حياتين جونذرانو پيش ڪيو آهي. محسن نقوي قدرتي آفتن دوران پاڪستان جي ڀرپور مدد تي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو به مڃيو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل عالمي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جي شرڪت هميشه نمايان ۽ واکاڻ جوڳي رهي آهي، ۽ دنيا جي امن لاءِ پاڪستان جون قربانيون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن.

مزید خبریں