واشنگٽن- 08 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن سان جلد ئي روس ۾ هڪ ليبارٽري ٽيڪنيشن جو طاعون جي بيماري سبب مبينا فوتگي جي حوالي سان ڳالهائيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن به واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي روس کان معلومات فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. روس جي اختيارين ان ڳالهه کي رد ڪيو آهي ته اتي …
طاعون سبب مبينا فوتگي ڳڻتي جوڳي آهي، روس شفاف معلومات شيئر ڪري: آمريڪا
واشنگٽن- 08 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن سان جلد ئي روس ۾ هڪ ليبارٽري ٽيڪنيشن جو طاعون جي بيماري سبب مبينا فوتگي جي حوالي سان ڳالهائيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن به واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي روس کان معلومات فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. روس جي اختيارين ان ڳالهه کي رد ڪيو آهي ته اتي طاعون کان بچاءُ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ گذريل هفتي سائبيريا جي علائقي ۾ واقع طاعون ريسرچ سينٽر ۾ پيش آيل واقعي کي وڌيڪ اهميت نه ڏني آهي. ٻئي پاسي ان معاملي تي آمريڪا جي ڳڻتي وڌي رهي آهي ۽ پرڏيهي وزير مارڪوروبيو روس تي زور ڀريو آهي ته هو صورتحال جي حوالي سان شفافيت اختيار ڪري جڏهن ته صحت جي عالمي اداري به هلندڙ هفتي اهڙي ئي اپيل ڪئي هئي.












