جنيوا - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ اي) چيو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هر سال طاعون جا هزارين شڪي ڪيس رپورٽ ٿيندا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊبليو ايڇ او جي وبائي بيمارين ۽ وبائن کان بچاءُ ۽ تياري جي ڊائريڪٽر مارياوان ڪرخوف صحافين کي ٻڌايو ته سال 2019ع کان 2025ع دوران 10 ملڪن اداري کي انسانن ۾ طاعون جي اٽڪل 4 …
سڄي دنيا ۾ هر سال طاعون جا هزارين شڪي ڪيس رپورٽ ٿيندا آهن: صحت جو عالمي ادارو
جنيوا – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ اي) چيو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هر سال طاعون جا هزارين شڪي ڪيس رپورٽ ٿيندا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊبليو ايڇ او جي وبائي بيمارين ۽ وبائن کان بچاءُ ۽ تياري جي ڊائريڪٽر مارياوان ڪرخوف صحافين کي ٻڌايو ته سال 2019ع کان 2025ع دوران 10 ملڪن اداري کي انسانن ۾ طاعون جي اٽڪل 4 هزار شڪي ڪيسن ۽ ان بيماري جي حوالي سان 423 فوتگيون رپورٽ ڪيون. هن ٻڌايو ته انهن ڪيسن ۾ طاعون جا بوبونڪ ۽ نمونياتي ٻئي قسم شامل آهن. ڊبليو ايڇ او جي عهديدار چيو ته طاعون هڪ جراثيم سبب ٿيندڙ بيماري آهي ۽ اينٽي بائيوٽڪس ذريعي ان جو علان ممڪن آهي.












