گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار لاءِ سلامتي ڪائونسل جي پنجين ڳجهي چونڊ

گڏيل قومون - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي اميدوار لاءِ پنجين مرحلي جي غير رسمي ڳجهي چونڊ (اسٽراب پول) منعقد ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آڪٽوبر لاءِ سلامتي ڪائونسل جي گردشي صدارت رکندڙ يونان جي گڏيل قومن ۾ سفير اگليا بالتا صحافين کي ٻڌايو ته اميدوارن جي حوالي سان پنجين مرحلي جو اسٽراب پول مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته هر …

گڏيل قومون – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي اميدوار لاءِ پنجين مرحلي جي غير رسمي ڳجهي چونڊ (اسٽراب پول) منعقد ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آڪٽوبر لاءِ سلامتي ڪائونسل جي گردشي صدارت رکندڙ يونان جي گڏيل قومن ۾ سفير اگليا بالتا صحافين کي ٻڌايو ته اميدوارن جي حوالي سان پنجين مرحلي جو اسٽراب پول مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته هر اميدوار کي نتيجن بابت نامزد ڪندڙ ميمبر ملڪ جي مستقل نمائندي ذريعي آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي به اسٽراب پول بابت اطلاع ڏنو ويندو. سلامتي ڪائونسل ۾ سيڪريٽري جنرل جي اميدوارن لاءِ اسٽراب پول غير رسمي ۽ بند ڪمري واري ووٽنگ هوندي آهي جنهن جو مقصد اميدوارن جي حمايت ۽ چونڊ امڪانن جو جائزو وٺڻ هوندو آهي، پر ان جا نتيجا باضابطه طور جاري ناهن ڪيا ويندا. واضح رهي ته موجوده گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جو مدو هلندڙ سال جي پڄاڻي تي مڪمل ٿي ويندو جڏهن ته نئون سيڪريٽري جنرل پهرين جنوري 2027ع تي عهدو سنڀاليندو.