يمن ۾ عدم تحفظ سبب شهرين پاران لڏپلاڻ جاري، انساني بحران وڌيڪ سنگين ٿي رهيو آهي: گڏيل قومون

گڏيل قومون - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) يمن ۾ جاري تڪرار ۽ وڌندڙ عدم تحفظ سبب شهرين جي پنهنجن گهرن مان لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته انساني بحران ڏينهون ڏينهن سنگين ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس (اوچا) پناهگيرن جي عالمي اداري جي حوالي سان ٻڌايو ته پهرين آگسٽ کان هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 84 هزار کان وڌيڪ …

گڏيل قومون – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) يمن ۾ جاري تڪرار ۽ وڌندڙ عدم تحفظ سبب شهرين جي پنهنجن گهرن مان لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته انساني بحران ڏينهون ڏينهن سنگين ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس (اوچا) پناهگيرن جي عالمي اداري جي حوالي سان ٻڌايو ته پهرين آگسٽ کان هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 84 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل هڪ هفتي دوران 21 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شامل آهن. اوچا مطابق گڏيل قومن ۽ ان جي انساني امداد جا انساني امداد جا شراڪتدار هن وقت تائين هڪ لک 26 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي زندگي بچائڻ واري امداد فراهم ڪري چڪا آهن، پر ضرورتمند ماڻهن جو انگ دستياب وسيلن کان مسلسل وڌيڪ آهي. صحت جي عالمي اداري صحت جي شعبي لاءِ فنڊز جي شديد کوٽ کان خبردار ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ لڏپلاڻ، بيمارين جي پکيڙ ۽ تڪرار سبب اڳ کان ڪمزور صحت جي نظام تي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي. اوچا مطابق تازن هفتن ۾ دستن ۽ الٽين جي بيماري جي ڪيسن ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي، جن ۾ بي گهر ماڻهن جي ڪيمپن ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسز به شامل آهن جڏهن ته ارڙي، ڊينگي ۽ مليريا به پکڙجي رهيو آهي. اوچا سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته شهرين جو تحفظ يقيني بڻائين ۽ انساني امداد فراهم ڪندڙ ادارن کي متاثر ماڻهن تائين محفوظ ۽ فوري پهچ ۾ سهولت فراهم ڪن.