رياض ۾ پهرين سيلف ڊرائيونگ ڊليوري سروس جي پائلٽ پروجيڪٽ جي شروعات

رياض-08 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي جنرل ٽرانسپورٽ اٿارٽي رياض ۾ سيلف ڊرائيونگ ڊليوري سروس جي پهرين پائلٽ پروجيڪٽ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو قدم اٿارٽي پاران جديد ٽيڪنالاجيز کي اپنائڻ ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ انوويٽو ساليوشنز کي فعال ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. ان سان ڊليوري سروسز جي ڪارڪردگي وڌائڻ، معيار بهتر بڻائڻ ۽ صارفين جي تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. …

رياض-08 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي جنرل ٽرانسپورٽ اٿارٽي رياض ۾ سيلف ڊرائيونگ ڊليوري سروس جي پهرين پائلٽ پروجيڪٽ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو قدم اٿارٽي پاران جديد ٽيڪنالاجيز کي اپنائڻ ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ انوويٽو ساليوشنز کي فعال ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. ان سان ڊليوري سروسز جي ڪارڪردگي وڌائڻ، معيار بهتر بڻائڻ ۽ صارفين جي تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اٿارٽي جو چوڻ آهي ته اهو منصوبو گذريل سال منعقد ٿيل سالياني ٽرانسپورٽ هيڪاٿون ۾ پيش ڪيل تصور کي عملي شڪل ڏيڻ جو ڪامياب مثال آهي . سيلف ڊرائيونگ ڊليوري گاڏيون رياض جي هڪ مخصوص جاگرافيائي زون ۾ آرڊرز جي فراهمي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن جنهن جي شروعات الفلاح ضلعي مان ڪئي وئي آهي .