منگوليا ۾ رڇ جو حملو، هڪ شخص مارجي ويو، عورت شديد زخمي

 اولان باتور-08 آڪٽوبر (اي پي پي ) منگوليا جي گادي واري شهر اولان باتور ۾ رڇ جي حملي سبب 40 سالن جو شخص مارجي ويو جڏهن ته 50 سالن جي عورت شديد زخمي ٿي پئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب منگوليا جي نيشنل پوليس ايجنسي ٻڌايو ته اهو واقعو رات جي وقت گادي واري هنڌ بايان زورخ ضلعي جي پسگردائي واري علائقي ۾ روايتي منگوليا جي گول نما رهائش گاهه گير …

 اولان باتور-08 آڪٽوبر (اي پي پي ) منگوليا جي گادي واري شهر اولان باتور ۾ رڇ جي حملي سبب 40 سالن جو شخص مارجي ويو جڏهن ته 50 سالن جي عورت شديد زخمي ٿي پئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب منگوليا جي نيشنل پوليس ايجنسي ٻڌايو ته اهو واقعو رات جي وقت گادي واري هنڌ بايان زورخ ضلعي جي پسگردائي واري علائقي ۾ روايتي منگوليا جي گول نما رهائش گاهه گير ۾ پيش آيو. پوليس موجب زخمي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن کي نيشنل سينٽر فار ٽراما ٽولوجي ريسرچ ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. اختيارين ٻنهي ڄڻن تي حملو ڪندڙ رڇ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته منگوليا جي مختلف رهائشي علائقن ۾ ڪجهه مهينن کان رڇ جي حملن جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن تي اختيارين شهرين کي محتاط رهڻ ۽ خطرن کان بچڻ لاءِ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.