وفاقي وزير محسن نقوي پاران عربي سمنڊ ۾ منشيات جي روڪٿام جي 2 ڪامياب آپريشنز تي پاڪ بحريه کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، عربي سمنڊ جي کُليل سمنڊ ۾ منشيات جي روڪٿام جي 2 وڏين ۽ ڪامياب ڪارروائين تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير محسن نقوي، آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پاڪ بحريه جي اهلڪارن جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت ۽ فرض شناسي کي …

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، عربي سمنڊ جي کُليل سمنڊ ۾ منشيات جي روڪٿام جي 2 وڏين ۽ ڪامياب ڪارروائين تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير محسن نقوي، آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پاڪ بحريه جي اهلڪارن جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت ۽ فرض شناسي کي ساراهيندي چيو ته منشيات جي عالمي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ پاڪستان نيوي جا وقت سر ۽ موثر قدم تعريف جوڳا آهن. محسن نقوي چيو ته علائقائي سامونڊي سلامتي، کُليل سمنڊ ۾ امن امان جي قيام ۽ سامونڊي رستن تان ٿيندڙ هر قسم جي غيرقانوني سرگرمين جي خاتمي لاءِ پاڪ بحريه جو ڪردار فخر جوڳو آهي جنهن تي پوري قوم پنهنجي بحري فوج کي سلام پيش ڪري ٿي.

مزید خبریں