نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بيلاروس جي قومي سلامتي واري صلاحڪار جي ملاقات، چئلينجز کي منهن ڏيڻ، علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور

اسلام آباد - 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چئلينجز کي منهن ڏيڻ، علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بيلاروس جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل اليگزينڊر …

اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چئلينجز کي منهن ڏيڻ، علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بيلاروس جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل اليگزينڊر وولفووچ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ بيلاروس جي گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چئلينجز کي منهن ڏيڻ، علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو.

مزید خبریں