40 کان 50 هزار دهشتگردن جي آبادڪاري بدامني جو بنيادي سبب آهي، وفاق کان 8500 ارب رپيا هڙپ ڪندڙ ڪي پي حڪومت جي رحم ڪرم تي عوام کي نه ٿو ڇڏي سگهجي: وفاقي وزير حنيف عباسي

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پرڏيهي ايجنڊا تحت ملڪ تي مڙهي وئي آهي، جنهن جو افغانستان ۾ موجود وار لارڊز جي ڳٺ جوڙ سان ويجهو تعلق هاڻي بي نقاب ٿي چڪو آهي، خيبر پختونخواهه جي حڪومت دهشتگردي خلاف بيهڻ بدران دهشتگردن جي سهولتڪار بڻجي چڪي آهي، وفاق ڪي پي ڪي جي بهادر عوام …

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پرڏيهي ايجنڊا تحت ملڪ تي مڙهي وئي آهي، جنهن جو افغانستان ۾ موجود وار لارڊز جي ڳٺ جوڙ سان ويجهو تعلق هاڻي بي نقاب ٿي چڪو آهي، خيبر پختونخواهه جي حڪومت دهشتگردي خلاف بيهڻ بدران دهشتگردن جي سهولتڪار بڻجي چڪي آهي، وفاق ڪي پي ڪي جي بهادر عوام کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهي ۽ جيڪڏهن موجوده صوبائي حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏنو ويو ته اتي جي عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ناممڪن ٿي ويندو. اربع ڏينهن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت هميشه معصوم ڪارڪنن کي پنهنجن ناپاڪ مقصدن جي باهه جو ٻارڻ بڻايو ۽ مشڪل وقت ۾ انهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو. هن چيو ته 2014ع جي ڌرڻي، 9 مئي، آڪٽوبر ۽ نومبر 2024ع جي واقعن ۾ ڪارڪنن کي ادارن خلاف ڀڙڪايو ويو، جڏهن ته قيادت پاڻ نه ته قيد ٿيل ڪارڪنن جي خبر ورتي ۽ نه ئي فوت ٿي ويلن جي خاندانن سان تعزيت ڪئي. حنيف عباسي چيو ته افغانستان جي سرزمين تي 27 کان 28 وار لارڊز قابض آهن جن کي ڀارت کان فنڊنگ ۽ اسرائيل کان انٽيليجنس معلومات ملي رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ قيادت ماضي ۾ 40 کان 50 هزار دهشتگردن کي واپس آڻي آباد ڪرڻ جي مجرم آهي، جنهن جا نتيجا اڄ بدامني جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران خيبر پختونخوا ۾ 6200 واقعا ۽ 1200 شهادتون ٿيون، جڏهن ته هن سال 14 حملن سميت ٿيل 37 آپگهاتي بم ڌماڪن مان 97 سيڪڙو حملي آورن جو تعلق افغانستان سان هو. وفاقي وزير مالي ۽ انتظامي معاملن تي ڳالهائيندي چيو ته ڪي پي حڪومت کي 2010ع کان 2025ع تائين اين ايف سي جي مد ۾ 8500 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، پر انهن عوام کي صحت ۽ تعليم جي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو. صوبائي پوليس لاءِ گهُريل 42 ارب رپين مان عملي طور تي صرف 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا، جڏهن ته 17 هزار پوسٽون اڃا تائين خالي آهن، سي ٽي ڊي وٽ صرف 17 بُليٽ پروف گاڏيون آهن ۽ پوليس فورس جا 13 هزار اهلڪار غير لاڳاپيل ماڻهن جي وي آءِ پي پروٽوڪول تي مقرر ڪري رکيا آهن. هن بلوچستان حڪومت جو مثال ڏيندي چيو ته اتي جي قيادت دهشتگردن جي اکين ۾ اکيون وجهي پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا جي قيادت شهيدن جي جنازن ۾ به شرڪت نٿي ڪري ۽ رياستي ادارن تي حملن ۾ ملوث آهي. حنيف عباسي واضح ڪيو ته رياست هڪ ماءُ وانگر آهي ۽ پنهنجي شهرين جي دفاع جي ذميواري پوري ڪندي. 9 مئي وانگر ڏڦيڙ پکڙيندڙ قدمن جو ورجاءُ هاڻي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ملڪي سلامتي خلاف ڪم ڪندڙ پرڏيهي ايجنٽن ۽ انهن جي مقامي سهولتڪارن جو هر سطح تي مڪمل گهيراءُ ڪيو ويندو.

مزید خبریں