قاهره - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر چيو آهي ته هو عالمي قانون تحت سمورا ذريعا استعمال ڪندي نيل درياهه جي پاڻي بابت پنهنجن حقن جو دفاع ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي اسرائيل خلاف 1973ع جي جنگ جي 53هين سالگره جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. هن نيل درياهه کي مصر جي زندگي جي بنيادي ضرورت ۽ هزارن سالن کان ملڪ جي وجود …
نيل درياهه جي پاڻي جي حق جو هر ممڪن طريقي سان دفاع ڪنداسين: مصر
قاهره – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر چيو آهي ته هو عالمي قانون تحت سمورا ذريعا استعمال ڪندي نيل درياهه جي پاڻي بابت پنهنجن حقن جو دفاع ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي اسرائيل خلاف 1973ع جي جنگ جي 53هين سالگره جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. هن نيل درياهه کي مصر جي زندگي جي بنيادي ضرورت ۽ هزارن سالن کان ملڪ جي وجود جو بنياد قرار ڏنو. هن جو چوڻ هو ته نيل درياهه جي پاڻي ۾ مصر جو حصو تاريخي ۽ ناقابل تر ديد قانوني حق آهي جنهن تي ڪو به سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي قبولڻ جوڳي آهي. مصر جي صدر چيو ته سندس ملڪ پنهنجي آبي سلامتي کي متاثر ڪندڙ ڪنهن به ڪارروائي کي برداشت نه ڪندو. هن جي بيان کان پوءِ مصر، سوڊان ۽ اٿوپيا وچ ۾ گرينڊ ايٿوپين رينيسانس ڊيم جي معاملي تي جاري تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. ايٿوپيا جو چوڻ آهي ته ڊيم جو مقصد بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي جڏهن ته مصر ۽ سوڊان پنهنجن هيٺين علائقن ۾ پاڻي جي وهڪري تي ان جي امڪاني اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڊيم ڀرڻ ۽ آپريشن جي حوالي سان هڪ پابند معاهدي تي زور ڀريو آهي.












