ڪوئٽا - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اڱاري تي ٿيندو، اجلاس ۾ راندين واري کاتي بابت سوال ۽ مختلف قانوني مسودا پيش ڪيا ويندا. بلوچستان اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اڱاري ڏينهن 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڪوڊ آف ڪريمنل پروسيجر 1898 (بلوچستان ترميمي مسودو) قانون بابت پيش ڪيو ويندو، ان کان علاوه گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران بلوچستان سٽيزن …
بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اڱاري تي ٿيندو
ڪوئٽا – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اڱاري تي ٿيندو، اجلاس ۾ راندين واري کاتي بابت سوال ۽ مختلف قانوني مسودا پيش ڪيا ويندا. بلوچستان اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اڱاري ڏينهن 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڪوڊ آف ڪريمنل پروسيجر 1898 (بلوچستان ترميمي مسودو) قانون بابت پيش ڪيو ويندو، ان کان علاوه گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران بلوچستان سٽيزن فيسيليٽيشن اينڊ گڊ گورننس جو مسودو قانون بابت رپورٽ ۽ بلوچستان ڪيڊٽ ڪاليجز جو (ترميمي) مسودو قانون ايجنڊا جو حصو هوندو.












