واشنگٽن - 05 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ حڪومتي ڪوششن کي مربوط ڪرڻ لاءِ نئون ”سپر انٽيليجنس فورس“ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق آمريڪي صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو ته وائيٽ هائوس ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن سان ٿيل معاهدي بعد ”سپر انٽيليجنس فورس“ جوڙيو پيو وڃي. ان مطابق فورس جو مقصد وفاقي …
آمريڪا جي صدر پاران مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ”سپر انٽيليجنس فورس“ قائم ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن – 05 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ حڪومتي ڪوششن کي مربوط ڪرڻ لاءِ نئون ”سپر انٽيليجنس فورس“ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق آمريڪي صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو ته وائيٽ هائوس ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن سان ٿيل معاهدي بعد ”سپر انٽيليجنس فورس“ جوڙيو پيو وڃي. ان مطابق فورس جو مقصد وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي مربوط ڪندي آمريڪا کي جديد مصنوعي ذهانت ۾ عالمي قيادت برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي. ٽرمپ چيو ته فورس صارفين، عام مفادن جي تنظيمن، مذهبي ادارن، اهم بنيادي ڍانچو فراهم ڪندڙن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين سان وفاقي حڪومت جي رابطي ۽ سهڪار کي مربوط ڪندي. فورس جي قيادت ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس جي ڪليٽن ڪندو، فورس صدر ٽرمپ ۽ وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف سوسي وائلز کي رپورٽ ڪندو. آمريڪي ميڊيا موجب نئين فورس کي مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي جي خطرن ۽ موقعن بابت رپورٽ تيار ڪرڻ ۽ ان شعبي ۾ وفاقي حڪومت جي زميوارين جو تعين ڪرڻ لاءِ 120 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي.










