روس جيٽ ڊرون ٽيڪنالاجي اتر ڪوريا کي فراهم ڪئي: يوڪرين جي دعويٰ

ڪيف- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته سندس خيال آهي ته روس جديد جيٽ انجڻ سان هلندڙ ڊرونز جي ٽيڪنالاجي پنهنجي پراڻي اتحادي اتر ڪوريا سان شيئر ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق زيلنسڪي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تازن هفتن دوران روس - يوڪرين خلاف جيٽ ڊرونز جي استعمال ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي، جن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يوڪرين وٽ في الحال …

ڪيف- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته سندس خيال آهي ته روس جديد جيٽ انجڻ سان هلندڙ ڊرونز جي ٽيڪنالاجي پنهنجي پراڻي اتحادي اتر ڪوريا سان شيئر ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق زيلنسڪي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تازن هفتن دوران روس – يوڪرين خلاف جيٽ ڊرونز جي استعمال ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي، جن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يوڪرين وٽ في الحال جنگي جهازن کان علاوه موثر ذريعا محدود آهن. روس ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ عسڪري سهڪار جو ذڪر ڪندي ولاديمير زيلنسڪي چيو ته روس اتر ڪوريا سان ٽيڪنالاجي شيئر ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا روس کي ميزائل فراهم ڪيا آهن، ان ڪري سندس خيال ۾ روس ڊرون ٽيڪنالاجي به ان کي فراهم ڪئي هوندي.

مزید خبریں