عالمي بينڪ پاران سريلنڪا ۾ طوفان ۽ برسات متاثر روڊن جي بحالي لاءِ 11 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري

ڪولمبو-01 آڪٽوبر(اي پي پي) عالمي بينڪ سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان ۽ برسات سبب شديد متاثر 600 ڪلو ميٽرن جي روڊن جي مرمت ۽ نئين سر تعمير لاءِ 11 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ورلڊ بينڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مالي مدد تحت انهن روڊن کي ترجيح ڏني ويندي جيڪي طوفان سبب شديد متاثر علائقن ۾ مارڪيٽن، …

ڪولمبو-01 آڪٽوبر(اي پي پي) عالمي بينڪ سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان ۽ برسات سبب شديد متاثر 600 ڪلو ميٽرن جي روڊن جي مرمت ۽ نئين سر تعمير لاءِ 11 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ورلڊ بينڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مالي مدد تحت انهن روڊن کي ترجيح ڏني ويندي جيڪي طوفان سبب شديد متاثر علائقن ۾ مارڪيٽن، اسڪولن ۽ صحت مرڪزن تائين رسائي بحال ڪرڻ ۾ مددگار هوندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين سر تعمير دوران موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر پاڻي جي نيڪال، لينڊ سلائيدنگ کان تحفظ جا قدم ۽ شديد موسمي حالتون برداشت ڪندڙ جديد انجنيئرنگ معيار کي شامل ڪيو ويندو. ان نئين مالي سهڪار سان جاري انڪلوسو ڪنيڪٽوٽي اينڊ ڊولپمينٽ پروجيڪٽ جي مدي ۾ ٽن سالن جي توسيع ٿيندي جنهن کان پوءِ ان منصوبي تحت سريلنڪا جي ٽرانسپورٽ رابطن ۾ ورلڊ بينڪ جي مجموعي سيڙپڪاري 61 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويندي. ورلڊ بينڪ موجب ان سيڙپڪاري سبب سڌيءَ ريت 8 لک 30 هزار کان به وڌيڪ ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا جڏهن ته 8 ضلعن ۾  20 لک ماڻهن کي فائدو ٿيڻ جو امڪان آهي. نئين سر تعمير ۽ سار سنڀال جي شعبي ۾ 5671 نوان يا بهتر ملازمتون پيدا ٿينديون جڏهن ته اٽڪل 22 هزار چانهه، ڀاڄين ۽ ٻين آبادگارن کي خريداري ۽ سپلائي چين سبب ٻيهر جوڙڻ ۾ مدد ملندي. سامونڊي طوفان ڊٽوا نومبر 2025ع ۾ سريلنڪا کي متاثر ڪيو هيو جنهن سبب 4.1 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو ۽ ملڪ جي سمورن ضلعن ۾ 20 لک شهري متاثر ٿيا. ٽرانسپورٽ جي شعبي کي شديد نقصان پهتو جنهن ۾ 2 هزار ڪلوميٽر صوبائي روڊ، 3500 ڪلو ميٽرن کان به وڌيڪ ٻيا روڊ ۽ 700 پليون متاثر ٿيڻ ۾ شامل آهن. ان شعبي جي ضرورتن جو ڪاٿو 1.31 ارب ڊالرز لڳايو ويو هيو.

مزید خبریں