ناگويا(جاپان) 01 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان جي صوبي ايچي ۽ ناگويا شهر ۾ جاري 20هين ايشين گيمز 2026ع ۾ ڪلهه جو ڏينهن پاڪستان لاءِ شاندار رهيو، جتي قومي ٽيمن ڪرڪيٽ، اسڪوائش ۽ شوٽنگ جي مقابلن ۾ غير معمولي ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي فائنل مرحلي تائين پهچ حاصل ڪري ورتي آهي. ايشين گيمز جي مينز ڪرڪيٽ ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهروڪندي بنگلاديش کي شڪست ڏني ۽ …
20هين ايشين گيمز ۾ پاڪستان پاران مختلف راندين دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو، فائنل مرحلي تائين پهچ حاصل

مزید خبریں
ناگويا(جاپان) 01 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان جي صوبي ايچي ۽ ناگويا شهر ۾ جاري 20هين ايشين گيمز 2026ع ۾ ڪلهه جو ڏينهن پاڪستان لاءِ شاندار رهيو، جتي قومي ٽيمن ڪرڪيٽ، اسڪوائش ۽ شوٽنگ جي مقابلن ۾ غير معمولي ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي فائنل مرحلي تائين پهچ حاصل ڪري ورتي آهي. ايشين گيمز جي مينز ڪرڪيٽ ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهروڪندي بنگلاديش کي شڪست ڏني ۽ فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. اسڪوائش راند ۾ پڻ مينز ٽيم مخالف ٽيم خلاف بهترين ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ايشن اسڪوائش ٽيم ايونٽ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. ٻي پاسي نشاني بازي جي مقابلن ۾ پاڪستان جي جڳ مشهور شوٽر غلام مصطفيٰ بشير تاريخ رقم ڪندي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي ۽ هو پاڪستان لاءِ انفرادي ميڊل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪندو.











