ولاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هلندڙ سال جي 09 مهينن دوران رياستي دهشتگردي جي جاري ڪاررواين دوران 31 ڪشميرين کي شهيد ڪيو، 4 هزار 772 ڪشميري گرفتار، 312 ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو: رپورٽ

سرينگر-01 آڪٽوبر (اي پي پي)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هلندڙ سال جي 09 مهينن دوران رياستي دهشتگردي جي مختلف ڪاررواين دوران 31 ڪشميرين کي شهيد ڪيو، 4 هزار 772 ڪشميري گرفتار ڪيا ۽ 312 ملڪيتن کي نقصان پهچايو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج، سينٽرل ريزرو پوليس فورس، اسپيشل  آپريشنز گروپ ۽ ٻين ادارن پاران سرچ آپريشن وارين ڪاررواين دوران 4 هزار 772 …

سرينگر-01 آڪٽوبر (اي پي پي)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هلندڙ سال جي 09 مهينن دوران رياستي دهشتگردي جي مختلف ڪاررواين دوران 31 ڪشميرين کي شهيد ڪيو، 4 هزار 772 ڪشميري گرفتار ڪيا ۽ 312 ملڪيتن کي نقصان پهچايو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج، سينٽرل ريزرو پوليس فورس، اسپيشل  آپريشنز گروپ ۽ ٻين ادارن پاران سرچ آپريشن وارين ڪاررواين دوران 4 هزار 772 شهرين کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ شاگرد، نوجوان ۽ سياسي ڪارڪن ۽ عورتون شامل آهن. ۽ انهن خلاف ڪاري قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته ان عرصي دوران ڀارتي فوج پرامن شهرين خلاف وحشياڻي تشدد جو استعمال ڪندي 52 شهرين کي زخمي ڪيو. ڪشمرين جون 312 ملڪيتون ضبط ڪيون ويون جن ۾ رهائشي گهر، دڪان ۽ ٻيون ملڪيتون شامل آهن. ان عرصي دوران ڀارتي فوج ۽ تحقيقاتي ادارن سرچ آپريشن وارين ٻين ڪاررواين دوران 34 شهرين کي گرفتار ڪيو. رپورٽ موجب 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ٿيڻ کانپوءِ  1 هزار 74 ڪشميري شهيد ۽ 708 زخمي ڪيا ويا جڏهن ته 37 هزار 817 ڪشمرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں