اولمپڪس 2028ع جي مشعل جو آمريڪي سفر ايٽلانٽا کان ٿيندو

لاس اينجلس -30 سيپٽمبر(اي پي پي)لاس اينجلس سال 2028 ع جي اولمپڪس جي مشعل جو آمريڪي سفر جي پهرين منزل ايٽلانٽا رکيل آهي. انتظام ڪندڙن موجب مشعل يونان مان روانگي کانپوءِ آمريڪا جي سمورين 50 رياستن مان گذرندو ۽ افتتاحي تقريب لاءِ لاس اينجلس پهچندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اولمپڪ مشعل روايتي طور تي قديم اولمپيا، يونان ۾ روشن ڪيو ويندو. جنهن کان پوءِ يونان ۾ مختصر سفر مڪمل ڪرڻ کانپوءِ …

لاس اينجلس -30 سيپٽمبر(اي پي پي)لاس اينجلس سال 2028 ع جي اولمپڪس جي مشعل جو آمريڪي سفر جي پهرين منزل ايٽلانٽا رکيل آهي. انتظام ڪندڙن موجب مشعل يونان مان روانگي کانپوءِ آمريڪا جي سمورين 50 رياستن مان گذرندو ۽ افتتاحي تقريب لاءِ لاس اينجلس پهچندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اولمپڪ مشعل روايتي طور تي قديم اولمپيا، يونان ۾ روشن ڪيو ويندو. جنهن کان پوءِ يونان ۾ مختصر سفر مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ان کي اٿينز جي تاريخي پينا ٿينائيڪ اسٽيديم ۾ آمريڪي انتظاميه جي حوالي ڪيو ويندو. آمريڪا ۾ مشعل جو پهريون هنڌ ايٽلانٽا هوندو جتي 1996ع جي اولمپڪ راندين جي ميزباني ڪئي وئي هئي. انتطاميه ايٽلانٽا جي چونڊ کي آمريڪا ۾ گذريل گرمائي اولمپڪس جي ياد ۽ لاس اينجلس 2028 ع وچ ۾ هڪ علامتي تعلق قرار ڏنو آهي لاس اينجلس 2028 جي انتطاميه ڪميٽي جي چيئرمين ۽ صدر ڪيسي واسر مين چيو ته اولمپڪ راند هڪ مشعل سان شروع ٿيندي آهي ان کي آمريڪا جي 50 رياستن تائين کڻي وڃڻ اعزاز آهي . ايٽلانتا کانپوءِ مشعل مختلف تاريخي هنڌن ، ثقافتي ۽ راندين جي تقريبن مان گذرندو ۽ چونڊ شهرن ۾ خصوصي تقريبن جو حصو بڻجندو. انتظام ڪندڙن موجب مشعل جي مڪمل سفر جو رستو 2027 ع ۾ جاري ڪيو ويندو جڏهن ته مشعل جو آمريڪي سفر 2028 ع جي بهار ۾ شروع ٿيندو ۽ لاس اينجلس اولمپڪس جي افتتاحي تقريب تي ختم ٿيندو.

مزید خبریں