ايشين گيمز ۾ ايراني ويٽ لفٽر علي علي پور 95 ڪلو گرام ڪيٽيگري ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

ناگويا- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي ويٽ لفٽر علي علي پور، شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايچي ناگويا ايشين گيمز 2026ع ۾ مردن جي 95 ڪلو گرام ويٽ لفٽنگ ڪيٽيگري جو سون جو ميڊل کٽڻ سان نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق علي علي پور مجموعي طور تي 398 ڪلوگرام وزن کنيو، جنهن ۾ سينچ ۾ 180 ڪلو گرام ۽ ڪلين اينڊ جرڪ ۾ 218 …

ناگويا- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي ويٽ لفٽر علي علي پور، شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايچي ناگويا ايشين گيمز 2026ع ۾ مردن جي 95 ڪلو گرام ويٽ لفٽنگ ڪيٽيگري جو سون جو ميڊل کٽڻ سان نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق علي علي پور مجموعي طور تي 398 ڪلوگرام وزن کنيو، جنهن ۾ سينچ ۾ 180 ڪلو گرام ۽ ڪلين اينڊ جرڪ ۾ 218 ڪلو گرام شامل هو. سندس ان ڪاڪردگي کيس عالمي رڪارڊ سان ايشين گيمز جو چيمپئن بڻايو. قازقستان جي نورگيسا اديلي تولي 394 ڪلو گرام جي مجموعي وزن سان چانديءَ جو ميڊل حاصل ڪيو، جڏهن ته چين جي تويي 384 ڪلو گرام وزن کڻي ٽامي جو ميڊل کٽيو.

مزید خبریں