سريلنڪا انڊر 17 خلاف سيريز لاءِ پاڪستان ٽيم جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان

لاهور- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سريلنڪا انڊر 17 خلاف سيريز لاءِ پاڪستان انڊر 17 ڪرڪيٽ ٽيم جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو جنهن جي قيادت اذان احمد ڪندو. سيريز 9 کان 24 آڪٽوبر تائين ملتان ۾ کيڏي ويندي ڪنهن ۾ هڪ ٽن ڏينهن واري ۽ پنج هڪ ڏينهن واريون ميچز شامل هونديون. اذان احمد جي قيادت ۾ راولپنڊي هلندڙ سال نيشنل انڊر 17 ڪپ جو ٽائٽل پنهنجي …

لاهور- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سريلنڪا انڊر 17 خلاف سيريز لاءِ پاڪستان انڊر 17 ڪرڪيٽ ٽيم جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو جنهن جي قيادت اذان احمد ڪندو. سيريز 9 کان 24 آڪٽوبر تائين ملتان ۾ کيڏي ويندي ڪنهن ۾ هڪ ٽن ڏينهن واري ۽ پنج هڪ ڏينهن واريون ميچز شامل هونديون. اذان احمد جي قيادت ۾ راولپنڊي هلندڙ سال نيشنل انڊر 17 ڪپ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هو. پاڪستان انڊر 17 اسڪواڊ ۾ اذان احمد (ڪپتان)، عبدالله احمد بٽ، ارسلان حسن، دائود توقير راڻا، فهد اقبال، حامد رضا، حمزه عباس بلوچ، حسن علي، محمد عيسيٰ بلوچ، محمد احسان، محمد نويد، محمد صائم، محمد يعقوب خان، محمد يوسف، شير ولي خان ۽ سديس احمد شامل آهن. سيريز لاءِ عمار خان، عماد علي شاه، نفيس اختر ۽ ثاقب خان کي ريزرو رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سريلنڪا انڊر 17 ٽيم 15 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندي جنهن بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ملتان ۾ سيريز جي شروعات ٿيندي.

مزید خبریں