عالمي برادري گڏجي ڪري ترقي، انساني حقن لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري: چين

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ترقي جي حقن بابت پڌرائي جي منظوري جي 40هين سالگره جي موقعي تي عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته هو پڌرائي جي روح تي ڪاربند رهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي 81هين اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي . هن چيو ته ترقي جي …

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ترقي جي حقن بابت پڌرائي جي منظوري جي 40هين سالگره جي موقعي تي عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته هو پڌرائي جي روح تي ڪاربند رهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي 81هين اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي . هن چيو ته ترقي جي حق جو دفاع ڪرڻ ۽ گڏيل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ منصفاڻو ترقياتي ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ترقياتي چئلينجز کي منهن ڏين لاءِ متحد هجڻ ضروري آهي. انساني حقن جي درست نظريي تي عمل در آمد ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ گهرجي ۽ ترقي جي حق کي مڪمل طور تسليم ڪيو وڃي ان کي هڪ جيتري اهميت ڏني وڃي ۽ عالمي انساني حقن جي حڪمراني جو رخ درست ڪيو وڃي. هن چيو ته  سال 2030 ع جي ايجنڊه تي عمل درآمد کي تيز ڪرڻ گهرجي.