نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي خصوصي ايلچي اسٽيو وٽڪوف چيو آهي ته هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ايراني وفد سان ٽياڪڙي ذريعي ڊگهيون ڳالهيون ڪيون آهن جيڪي تعميري ۽ اميد واريون هجڻ جي اميد آهي، ٽياڪڙ سڄو ڏينهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ رابطا ڪندا رهيا. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ايلچي ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ڳالهين جي هڪ دور جي ڪامياب تڪميل …
ايران جي وفد سان ڊگهيون ڳالهيون تعميري ۽ اميد ڏيندڙ هجڻ جي اميد آهي: آمريڪي ايلچي
نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي خصوصي ايلچي اسٽيو وٽڪوف چيو آهي ته هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ايراني وفد سان ٽياڪڙي ذريعي ڊگهيون ڳالهيون ڪيون آهن جيڪي تعميري ۽ اميد واريون هجڻ جي اميد آهي، ٽياڪڙ سڄو ڏينهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ رابطا ڪندا رهيا. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ايلچي ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ڳالهين جي هڪ دور جي ڪامياب تڪميل جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته هي ڳالهيون تعميري ۽ اميد واريون ثابت ٿينديون جڏهن ته ٽياڪڙ به پنهنجو ڪم جاري رکندا. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ايراني خابرو ايجنسي کي ٻڌايو ته تهران نيويارڪ ۾ قطري ٽياڪڙ ذريعي آمريڪا سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجون شرطون پيش ڪيون جن ۾ سمورن محاذن تي جنگ جو خاتمو ۽ انهن قدمن کي روڪڻ شامل آهي جنهن کي ايران آمريڪي جارحاڻيون ڪارروايون قرار ڏي ٿو. ايراني ترجمان ٻڌايو ته ايراني شرطن ۾ سامونڊي ناڪابندي ۽ اقتصادي جنگ جو خاتمو ۽ ايراني اثاثن کي رليز ڪرڻ به شامل آهي.ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ايراني ۽ آمريڪي عملدارن وچ ۾ ”انتهائي نتيجا ڏيندڙ“ ڳالهيون ٿيون. اهو اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو هو جڏهن ٽرمپ ڪجهه ڪلاڪ اڳ ئي معاهدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايران خلاف سخت ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني هئي. ٽرمپ ٻڌايو ته ملاقات اٽڪل 3 ڪلاڪ جاري رهي ۽ ان کي تمام سٺي ۽ انتهائي نتيجا ڏيندڙ قرار ڏنو. ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته تمام جلد وڌيڪ ڳالهيون متوقع آهن.












