يو ايس ايف پاليسي ڪميٽي، مالي سال 27-2026ع لاءِ 32.90 ارب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) پاليسي ڪميٽي، مالي سال 27-2026ع لاءِ 32.90 ارب رپين جي مجموعي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت ملڪ جي محروم ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽيوٽي جي ڪيترائي اهم منصوبا مڪمل ڪيا ويندا، 24.89 ارب رپيا کان 28 جاري منصوبا مڪمل ٿي ويندا. اها منظوري آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه …

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) پاليسي ڪميٽي، مالي سال 27-2026ع لاءِ 32.90 ارب رپين جي مجموعي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت ملڪ جي محروم ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽيوٽي جي ڪيترائي اهم منصوبا مڪمل ڪيا ويندا، 24.89 ارب رپيا کان 28 جاري منصوبا مڪمل ٿي ويندا. اها منظوري آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه جي صدارت هيٺ يونيورسل سروس فنڊ پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڏني وئي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل فنڊز مان جاري منصوبن لاءِ 24.89 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن جي ڪري هن وقت 28 منصوبا مڪمل ڪيا ويندا، جن ۾ نيڪسٽ جزيشن براڊ بينڊ سروس ڊليوري جا 17 موبائل براڊ بينڊ منصوبا ۽ نيڪسٽ جزيشن آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ سروسز جا 11 منصوبا شامل آهن. ان کانسواءِ نئين قدمن لاءِ 6.56 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جنهن جي تحت وڌيڪ 9 موبائل براڊ بينڊ ۽ 4 آپٽيڪل فائبر منصوبا شروع ڪري پجا۾ي تائين پهچايا ويندا. اجلاس ۾ يو ايس ايف جي سي اي او مدثر نويد ۽ سينئر انتظاميه ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ترجيحن ۽ تجويز ڪيل پورٽ فوليو تي تفصيلي بريفنگ ڏني. پاليسي ڪميٽي منظور ٿيل منصوبن تي فوري ۽ بنا رڪاوٽ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ پهرين ٽه ماهي جي مُدي ۾ 5.57 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ڏورانهن علائقن تائين ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر پهچائي ڊجيٽل فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻندي.

مزید خبریں