راولپنڊي – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي، ته هٿياربند فوج پوري قوم جي پختي حمايت سان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پرعزم آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور …
هٿياربند فوج قوم جي حمايت سان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ پرعزم آهي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

مزید خبریں
راولپنڊي – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي، ته هٿياربند فوج پوري قوم جي پختي حمايت سان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پرعزم آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور جو دورو ڪيو. کيس خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال، جاري دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشنز، بارڊر مينيجمينٽ جي قدمن ۽ صوبي ۾ مقرر فارميشنز جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي، تياري ۽ پيشيواراڻي مهارت جي تعريف ڪندي ملڪ ۽ ان جي عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجي اڻٽٽ عزم جو اعتراف ڪيو. هن فارميشنز کي هر وقت چوڪس رهڻ ۽ آپريشنل تياري جا اعليٰ ترين معيار برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هٿياربند فوج قوم جي غير متزلزل حمايت سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. هن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته شهيدن جي انهن عظيم قربانين کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي. پشاور آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جو استقبال ڪيو.











