آمريڪا ۽ اٽلي اهم معدنيات جي شعبن ۾ سهڪار لاءِ مفاهمتي معاهدن تي صحيحيون ڪري ڇڏيون

نيويارڪ _22 سيپٽمبر (اي پي پي ) آمريڪا ۽ اٽلي اهم معدنيات جي شعبن ۾ سهڪار لاءِ مفاهمتي معاهدن تي صحيحيون ڪري ڇڏيون . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ اٽلي جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني گذريل ڏينهن مفاهمتي معاهدي تي صحيحيون ڪيون . اهو معاهدو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيل ملاقات بعد طئي …

نيويارڪ _22 سيپٽمبر (اي پي پي ) آمريڪا ۽ اٽلي اهم معدنيات جي شعبن ۾ سهڪار لاءِ مفاهمتي معاهدن تي صحيحيون ڪري ڇڏيون . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ اٽلي جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني گذريل ڏينهن مفاهمتي معاهدي تي صحيحيون ڪيون . اهو معاهدو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيل ملاقات بعد طئي ٿيو . آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته مفاهمتي صحيحين تحت هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويندو، جيڪو اهم معدنيات جي ري سائيڪلنگ ۽ ريڪوري ۾ عملي سهڪار کي هٿي ڏيندو . ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ، جنهن ۾ سپلائي چينز کي وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ صنعتن کي محفوظ رکڻ شامل آهي . معاهدي جو مقصد معلومات ۽ مهارت جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ کاڻين ، معدنيات جي پروسيسنگ ۽ ري سائيڪلنگ ۾ سيڙپڪاري ذريعي اهم معدنيات جي سپلائي چينز جي تحفظ ۾ آمريڪا ۽ اٽلي جي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ شامل آهي.

مزید خبریں