صدر آصف علي زرداري جي آرمينيا کي 35 هين يوم آزادي تي مبارڪ

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه آرمينيا جي 35هين يوم آزادي جي موقعي تي آرمينيا جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪ پيش ڪئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق آرمينيا جي صدر واهگن خاچاتوريان جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آرمينيا پنهنجي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو آهي. گذريل …

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه آرمينيا جي 35هين يوم آزادي جي موقعي تي آرمينيا جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪ پيش ڪئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق آرمينيا جي صدر واهگن خاچاتوريان جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آرمينيا پنهنجي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو آهي. گذريل آگسٽ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي بنياد تي صدر مملڪت ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آرمينيا پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا ۽ پنهنجي عوام جي امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل مفاد جي شعبن ۾ گڏيل طورتي فائديمند سهڪار کي هٿي ڏيندا.