ايشين گيمز: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي سيمي فائنل ۾ سريلنڪا پاران شڪست

ناگويا- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشين گيمز ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي سيمي فائنل ۾ سريلنڪا وومين 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان وومين پهرين بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 177 رنسون ٺاهيون جنهن بعد سريلنڪا وومين ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 17.5 اوورز ۾ هدف حاصل ڪري ورتو. سريلنڪا وومين جي ڪپتان چماري اتاپتو 83 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته هسيني پريرا 42 …

ناگويا- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشين گيمز ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي سيمي فائنل ۾ سريلنڪا وومين 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان وومين پهرين بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 177 رنسون ٺاهيون جنهن بعد سريلنڪا وومين ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 17.5 اوورز ۾ هدف حاصل ڪري ورتو. سريلنڪا وومين جي ڪپتان چماري اتاپتو 83 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته هسيني پريرا 42 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي فاطمه ٽنا ۽ نشره سنڌو هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي جڏهن ته عائشا ظفر 71 ۽ شوال ذوالفقار 54 رنسون اسڪور ڪيون.

مزید خبریں