اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊجيٽل چئنلز ذريعي رقم جي ادائگين ۽ وصولين ۾ 3 مهينن دوران 9 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي ادائگين جي ٽه ماهي جائزه رپورٽ جنوري کان مارچ 2026ع تائين موجب مختلف ڊجيٽل ذريعن مان 3.7 ارب رٽيل پيمينٽ ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون جن جي ماليت 168.8 کرب روپيا رهي. آڪٽوبر کان ڊسمبر 2025ع جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي سال …
ڊجيٽل چئنلز ذريعي رقم جي ادائگين ۽ وصولين ۾ 3 مهينن دوران 9 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي: ايس بي پي
اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊجيٽل چئنلز ذريعي رقم جي ادائگين ۽ وصولين ۾ 3 مهينن دوران 9 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي ادائگين جي ٽه ماهي جائزه رپورٽ جنوري کان مارچ 2026ع تائين موجب مختلف ڊجيٽل ذريعن مان 3.7 ارب رٽيل پيمينٽ ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون جن جي ماليت 168.8 کرب روپيا رهي. آڪٽوبر کان ڊسمبر 2025ع جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي سال 26-2025ع جي ٽين ٽه ماهي ۾ جنوري کان مارچ 2026ع دوران ڊجيٽل چئنلز جي ٽرانزيڪشنز جي ماليت ۾ 9 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. رپورٽ مطابق ڊجيٽل ذريعن سان ڪيل مجموعي ٽرانزيڪشنز ۾ 3.4 ارب ٽرانزيڪشنز يعني 92 سيڪڙو رٽيل پيمينٽس لاءِ ڪيون ويون. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق مارچ 2026ع جي پڄاڻي تي موبائيل بينڪنگ ۽ ڊجيٽل واليٽ ايپليڪيشنز جي رجسٽريشن 132 ملين کان وڌي وئي جنهن ۾ 3 مهينن دوران 37 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي جڏهن ته گذريل مالي سال جي ٽين ٽه ماهي ۾ موبائيل بئنڪنگ ايپليڪيشنز، برانچ ليس بينڪنگ ۽ اي مني والٽس ذريعي اٽڪل 2.89 ارب ٽرانزيڪشن ذريعي 41.67 کرب روپين جي ڏيتي ليتي ڪئي وئي. رپورٽ مطابق گذريل مالي سال جي ٽين ٽه ماهي ۾ ”راست“ ذريعي 742 ملين ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون جن جي ماليت 23.27 کرب روپين تائين پهچي وئي. اهڙي طرح انفرادي سطح تي رقم جي منتقلي ۽ وصولي لاءِ جنوري کان مارچ 2026ع جي عرصي ۾ 664 ملين ٽرانزيڪشنز ذريعي 18.88 کرب روپين جي ڏيتي ليتي ڪئي وئي.









